اڪيلائيءَ جا هڪ سئو سال - ناول

اڪيلائيءَ جا هڪ سئو سال - ناول

اڪيلائيءَ جا هڪ سؤ سال

اڪيلائيءَ جا هڪ سؤ سال: هسپانوي ٻوليءَ جي مشهور ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار، گئبريل گارشيا مارڪئيز جي مشهور ناول “One Hundred Years of Solitude” جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، براڊڪاسٽر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري مراد علي مرزا، ”اڪيلائيءَ جا هڪ سؤ سال“ نالي سان ڪيو آهي، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊميءَ، ڊيمي سائيز جي 354 صفحن تي مشتمل، 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 160 رپيا آهي. هيءُ ناول ويهين صديءَ جي پوئين اڌ جو شاهڪار ناول آهي، جنهن کي 1982ع ۾ ادب جو نوبل انعام مليو. هيءُ ناول اصل ۾ هسپانوي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو ۽ بعد ۾ دنيا جي پنجٽيهن ٻولين ۾ ان جو ترجمو ٿيو آهي ۽ اُن جو هي سنڌي ترجمو، ڇٽيهين ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي. گارشيا مارڪئيز جي هن ناول توڙي ٻين تخليقن مان پبلو نرودا چواڻي ”سندس وطن جي مٽيءَ جي ڀنل خوشبوءِ اُٿندي محسوس ٿئي ٿي“. هن ناول ۾ اُتان جي خانه بدوش جپسين، مظلومن ۽ مسڪينن جي حالت بابت ذڪر ڪيل آهي. هن ناول جون، دنيا اندر هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪاپيون ڇپجي چڪيون آهن. گارشيا مارڪئيز کي نوبل انعام ڏيندڙ بورڊ، پنهنجي انعام ڏيڻ واري اعلان ۾ چيو هو ته: ”گارشيا مارڪئيز جي ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ اچرج جهڙين حقيقي ڳالهين کي بيحد خوبصورت تصوراتي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جن جي ذريعي هڪ وڏي کنڊ جي زندگيءَ ۽ اُن جي تضادن جي ڀرپور ترجماني ڪيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو


ناول - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اڪيلائيءَ جا هڪ سؤ سال
ناول ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون